اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مر??ا محمد آفريدي پشاور قصه خواني جي جا??عه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئ?? آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف گڏ آهي، دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ترقي کان ملڪ دشمن ڊنل آهن، دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئ??. محمد صادق سنجراڻي زخمين کي ??ر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئ??. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مر??ا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ پشاور قصه خواني جي جا??عه مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو.