لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم نواز خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي ??ڪست جو جشن ملهائي رهي آهي، نواز ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، اسان کي پنج سان ۾ انهن جو ورتل 55 ارب قرض واپس ڪرڻو آهي، زرداري جڏهن عدالت ويندو آهي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺندو آهي، ضمانت ملڻ بعد هو پنهنجي قد کان وڏيون ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، آصف زرداري پيپلزپارٽي جي ??هڙي حالت ڪري ڇڏي آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون صرف ميڊيا جي ??هاري زنده آهن، پاڪستان جي ??مومي معيشت ترقي طرف گامزن آهي. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي اليڪشن نه قوم کي ڏسڻ جي ??رورت آهي، ماضي ۾ منگلا ۽ تريبيلا ڊيمن کانسواءِ ڪنهن ٻي وڏي ڊيم جي ??عمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان ڊيمن جي ??عمير تي ڪم شروع ڪيو، ڊيمن جي ??عمير سان پاڻي جي ??خيرن ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻه لک ڪمپنيون موجود آهن، هڪ لک 57 هزار ڪمپنيون صرف گذريل اڍائي سالن ۾ ٺهيون. وفاقي وزير چيو ته زرعي شعبي تي اسان فوڪس رکيو، اسان جي پنج وڏن فصلن جي ??مپر پيداوار ٿي، چانور، ڪڻڪ، مڪئي جي ??اريخي پيداوار ٿي، ڪپهه جي پيداوار ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چيو ته زرعي شعبي ۾ 1100 ارب روپيا اضافي ويا، پاڪستان ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن، زرعي دوائن جو رڪارڊ وڪرو ٿي رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنج سالن ۾ 55 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي، نواز شريف ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، انهن جا ورتل قرض اسان واپس ڪري رهيا آهيون، چوڌري فواد حسين چيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو خيبرپختونخوا جي ??لدياتي چونڊن ۾ صفايو ٿي ويو آهي، مريم نواز کي پنهنجي ڪارڪنن وٽ وڃي کين حوصلو ڏيڻ گهربو هو پر هو خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي ??ڪست جو جشن ملهائي رهي آهي. هن چيو ته اسان جو مقابلو سياسي ڄامڙن سان آهي، جڏهن زرداري کي عدالت وڃڻو هوندو آهي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺندو آهي ۽ معذورن جي گاڏين تي اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن کيس ضمانت ملندي آهي ته هو پنهنجي قد کان وڏيون ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. زرداري پيپلزپارٽي جي ??ها حالت ڪري ڇڏي آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون هاڻي ٽي وي چئنلز جي ??هاري زنده آهن، انهن جي ڪوريج بند ٿي وڃي ??ه اهي فارغ ٿي ويندا، انهن جي ??ياست هاڻي مهانگائي تي پروپيگنڊا ڪرڻ رهجي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته پيپلزپارٽي ٽيهه سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي ۽ آصف زرداري هاڻي سنڌ جي پلان لاءِ سوچي رهيو آهي، هن چيو ته اهي ماڻهو لاهور ۽ اسلام آباد جي چڪر ۾ لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه وڃڻ جا به ناهن رهيا. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري کي پنهنجي ??اقي زندگي ٻاهرين ملڪ گذارڻي آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان دنيا جي ??تين ايٽمي طاقت آهي، اوورسيز پاڪستانين جو پنهنجي وطن لاءِ جذبو قابل تحسين آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ مستحڪم ملڪ بڻجڻ وڃي ??هيو آهي، پاڪستان جي ??موعي معيشت ترقي طرف گامزن آهي.