ا??لا?? آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قو??ي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو غير معمولي اجلاس ??فغ??نستان جي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان جي ??فغ??ن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي م??لسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ڪريون ٿ??. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي م??ارڪباد پيش ڪئي.