اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته آ??اد ڄمون ۽ ڪشمير جي الڪيشن ۾ پي ٽ?? آءِ جو ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي سان ڪو به مقابلو ئي نه هو، ن ليگ ۽ پي??لزپارٽي جو سدائين ٻي، ٽئي نمبر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ مقابلو رهندو، بلاول صاحب ته گلگت بلتستان ۾ به ائين ئي زودار تقريرون ڪندو رهيو هو اتي به شڪست ملي ۽ آ??اد ڪشمير ۾ به منهن لڪائيندو گهمي رهيو آهي، اڄ ٻئي پارٽيون ڌانڌلي جو روئڻو روئي رهيون آهن، ڇا ٻ??هي پارٽين جي کٽيل سيٽن تي ڌانڌلي ناهي ٿي؟ بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ماضي وانگر چونڊن ۾ به ن ليگ وانگر پي??لزپارٽي به خوب پئسو لڳايو، سندن خيال هو ته اسان ??ٽي پئسو ٺاهي وينداسين، پي??لزپارٽي پاڪستان ۾ ته پي ٽ?? آءِ حڪومت جو ڪجهه نه بگاڙي سگهي، آ??اد ڪشمير ۾ به ڪجهه بگاڙڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، هن چيو ته بلاول صاحب، ڪهڙين مخالف ڌر پارٽين جي ڳالهه ڪري رهيو آهين، ٽئين نمبر تي ن ليگ آهي ۽ توهان ته ن ليگ اتحاد کان مرضي سان ڌار ٿيا هئا، هاڻي ڪيئن اڇليل ٿُڪ کي چٽيندا، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول صاحب، اهو ٻڌائي ته سنڌ حڪومت ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزير بڻائڻ جو ڪهڙو اگهه آهي؟ هن چيو ته پي??لزپارٽي جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندي ته پي ٽ?? آءِ ان جي آجيان ڪندي.