اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف وا??ي وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قرارداد ??اڪ??تان ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جي تاريخ ۾ هڪ ??هم موڙ ثابت ٿي آهي، اڄ اسان کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، اسان انهن حالتن ۾ به قانون جي حاڪميت کي قائم ڪرڻ لاءِ پوري عزم سان ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن وچن ڪيو ته غلامي جون زنجيرون ٽوڙي اڇلائينداسين، اسان جي بزرگن ان ڏينهن قائداعظم جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته انهن کي ڌار ملڪ جي ضرورت آهي، هڪ اهڙو م??ڪ جتي الله جي حاڪميت ۽ حضرت محمد ﷺ جي ٻڌايل اصولن موجب هلي سگهجي.