اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته مس??دن جا عالم سڳورا، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ سان ماءُ ۽ ٻار ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رهن ٿا، دٻي جو کير ماءُ جي کير جو متبادل نه آهي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ٻارن کي ماءُ جو کير پيارڻ جي فروغ ۽ تحفظ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.