اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اط??ا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اط??ا??ات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چيو ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪومت جو تعاون گهربل آهي. اط??ا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحال?? پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چيو ته ٻين ادارن و??نگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن کان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن کان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪومت فلمي صنعت جي فروغ لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.