اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا زائرين جي سهولت جي فيري سروس شروع ڪرڻ، وفاقي گادي واري شهر لاءِ ڪيپيٽل ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ اسلام آباد جي مختلف زونز ۾ غير قانوني سوسائيٽيز ۾ ٿيندڙ تعميرات، گئس ۽ بجلي جي ڪنيڪشن تي لاڳو پا??ند?? ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽين جي قيام ۽ بهترين ڪارڪردگي تي بيت المال جي ايم ڊي جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيپرا سا??ياني رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪئي جنهن موجب گهٽ ڪارڪردگي وارن پاور پلانٽس کي بند ڪيو پيو وڃ??، ڪابينا تازين برساتن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان خاص طور تي سنڌ ۾ ٿيندڙ تباهڪارين ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزير??عظ?? اين ڊي ايم اي کي ذميداري سونپي آهي ته صوبائي حڪومتن سا?? گڏجي ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيندڙ نقصانن جو جائزو ورتو وڃ?? ته جيئن متاثرين کي رليف جي فراهمي جي حوالي سان ج??مع حڪمت عملي جوڙي سگهجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ۽ ڪراچي جي مسئلن کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ جي حوالي سا?? وفاقي حڪومت جي مدد تي ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته ڪراچي ملڪي معيشت جي لاءِ انجڻ آف گروٿ جو ڪردار ادا ڪري ٿو، هن چيو ته ڪراچي جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت ڪراچي جي مسئلن جي حل جي ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سا?? پرعزم آهي.