ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪاروباري طبقي جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، ڪاروبار ۾ آسانيون پي??ا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ۽ ڪاروباري طبقي جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، م??ري ٽائيم افيئر وارو وفاقي وزير ع??ي زيدي، وفاقي وزير فيصل واوڊا، سنڌ جو گورنر ع??ران اسماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به موجود هئا. وفد ۾ آصف اڪرام، نجيب بلگموالا، اعظم فاروق، بشير ع??ي محمد ، فيصل مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد علي تابا شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 جي وبا جي حوالي سان ڪامياب حڪمت عملي ??ي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاروباري طبقي کي مراعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪاروباري طبقو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري، ڪاروبار ۾ آسانيون پي??ا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.