دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ دادو ضلعي ج?? جوهي واري علائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پا??ي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪم?? جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ پا??ي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آهي. سنڌ جي نااهل حڪمرانن ا??و معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پا??ي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري صورتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پا??ي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پا??ي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. سنڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حليم عادل شيخ چيو ته اهو سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتا?? جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي مدد گهري رهيا هئا. هن چيو ته مدد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوج?? جوان علائقي واسين جي مدد ڪري انهن کي محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان پهچايو پيو وڃي.