اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خ??شحالي جي راهه هموار ڪندو، ??فغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي پيش نظر سي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي ع??اسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پرڏيهي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿا??ٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪستان ۾ چين جو سفير يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.