اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ احساس لنگر قائم ڪيا پيا وڃن، ان ڏس ۾ سنڌ صوبي جي ضلعي عمرڪوٽ ۾ احساس لنگر خا??ي جو آغاز ٿي ويو آهي، وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خصو??ي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان قائم ڪيل ان لنگر خاني ۾ روزاني 300 ماڻهن کي کاڌو مفت مهيا ڪيو ويندو. سنڌ جي ??ور??ر عمران اسماعيل لنگر خا??ي جو افتتاح ڪيو.