اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان اسٽاڪ ا??ڪس??ينج تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ملڪي معيشت ۽ ترقي کي نشانو بڻائڻ وارا پنهنجي ??اپ??ڪ ڏوهن ۾ ناڪام رهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پنهنجي جان تري تي رکي عوام جي زندگين جو تحفظ ڪندڙ ۽ حملي کي ناڪام بڻائيندڙ اسا?? جا قابل فخر هيرو آهن، هن چيو ته شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج عقيدت ۽ ڏکويل خان??ان?? سان دلي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان.