اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي ملڪ ۾ انشورنس انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ من??سب مارڪيٽنگ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوام جي اعتماد جي لاءِ انشورنس جي شرطن بابت اڳواٽ وضاحت س??ن گڏوگڏ مڪمل آگاهي جي لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن، اسان ده??تگردي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي ورتو آهي، هاڻي قومي تعمير جي عمل مان گذري رهيا آهيون، سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين ته هڪ سٺو ۽ خوبصورت پاڪستان اڳتي وڌندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انشورنس انڊسٽري جي اقتصادي واڌويجهه ۽ محتسب جي ڪردار جي موضوع تي سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت س??ن خطاب ڪندي ڪيو.