بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظي??ن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جي سڀني ڪوششن جي ڪاميابي افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏي??ي وزير چيو ته آئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو اهتمام ڪرڻ تي اسٽيٽ ڪائو??سل?? ۽ پرڏي??ي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اسان جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان ۽ چين کي افغان عملدارن سان پنهنجي موقف جو حصيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو افغان ڌر کي ٻڌئڻ جو به موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس لاءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏي??ي وزير چيو ته آئون خطي لاءِ هڪ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي حوالي سان اسٽيٽ ڪائو??سل?? وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي واپسي جو پاڪستان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند نه آهي، خطي جو امن ۽ استحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظي??ن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن ته ان کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس افعانستان جي حمايت ۾ ??ال??ي بر??دري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪامياب موقعو هو. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس افعانستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف لاءِ انتهائي اهم آهي، اسان ??ال??ي بر??دري خاص طور پاڙيسرين پاران افغانستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته اسان کي افغان عملدارن ۽ ??ال??ي بر??دري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، ??ال??ي بر??دري رابطن جي اڳين مرحلي ۾ افغان عملدارن طرف ڏسي رهي آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو خطرو هاڻي پهرين کان به وڌيڪ آهي، پرڏي??ي وزير چيو ته انهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت افغان عملدارن جي تازي فيصلي تي ??ال??ي بر??دري جي ڳڻتي فضول نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عملدار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي عملدرآمد ڪندا ۽ ??ال??ي بر??دري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون افغان وفد کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پاڪستان، ??ال??ي بر??دري تي به زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ اضافي طريقن تي به غور ڪن، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي اميد آهي ته افغان عملدار هڪ پرامن دوست آهن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهندا.