اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اشتهارن جي 50 سيڪڙو رهتن جي ادائيگي جي باوجود ميڊيا ملازم برطرف ڪيا پيا وڃن جيڪو ناقابل قبول آهي، ميڊيا ورڪرز جي برطرفين ??ي سخت خدشا آهن، ان حوالي سان پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري سان ڳالهائيندس، برطرف ڪيل ماڻهن جون فهرستون ڏنيون وڃن ته جيئن ايڪشن کڻي سگهون. پارليامينٽ هائوس جي مرڪزي گي?? تي برطرف ڪيل صحافين ??ي احتجاجي مظاهري ۾ ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت ميڊيا ورڪر?? سان گڏ بيٺل آهي، اشتهارن جي 50 سيڪڙو رهتن جي ادائيگي جي باوجود ملازمن جون برطرفيون ڪيون پيون وڃن جيڪي قبول نه آ??ن، ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.