اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غز?? جي چئن اسڪولن تي اسرائيلي قابض فوج جي انڌاڌنڌ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي حملا غز?? جي ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم هڪ ٻيو ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ اتي پناهه وٺندڙ درجنين عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ س??ول??ن کي انڌاڌنڌ نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين خلا?? ورزي آهي ۽ جنگي ڏوهن جو حصو آهي. پنهنجي تازه ترين قدمن سان اسرائيلي قابض فوج هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي طرز عمل جي توهين جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي انساني قانون جي انهن واضح خلا?? ورزين کي نئون معمول بڻجڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل جي دهشتگردي ۽ فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم کي فوري طو?? تي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسرائيل کي ان جي ڏوهن ۽ عالمي انساني ۽ انساني حقن جي قانون جي واضح خلا?? ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي.