دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو ??تفاق راءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي مجلس اوليٰ (تاجڪ پارليامينٽ) جي مجلس جي نمائنده (ايوان) جي چيئرمين محمد طاهر ذاڪر زاده سان ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطر??ن لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ?? پارلياماني سطح تي تعاون جي ح??الي سان اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ اڳ کان قائم پارلياماني فرينڊشپ گروپس ۽ باقاعده پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو ??ڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم جمهوريه تاجڪستان جي آئين جي 30 هين سالگرهه تي چيئرمين کي مبارڪباد پڻ ڏني. ياد رهي ته وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ آهي.