آستانه – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊس آف اسٽيٽ (ايس سي او) جي 24هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قزاقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ موجود عالمي اڳواڻن سا?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سا?? ملاقات ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر صدير جاپاروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سا?? به ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ٻين اڳواڻن سا?? گڏ اجلاس جي پڄاڻي تي گهڻ طرفي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط ڪرڻ، پائيدار امن ۽ خوشحالي طرف جدوجهد جي عنوان سا?? جاري ٿيندڙ پڌرنامي تي صحيحُون ڪرڻ لاءِ شريڪ ٿ??و، جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، تاجڪستان، ترڪي، ازبڪستان، بيلاروس، ايران، ڪرغزستان، ڀارت ۽ ٻين مُلڪن جي اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.