اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڄ شينزن ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جي پنهنجي دوري دوران آئون ان جديد ترين ٽيڪنالاجيز کان متاثر ٿيس جيڪا دنيا ۽ اسان جي رهڻ جي انداز ??ي بدلائي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هواوي جي هيڊڪوارٽر جي دوري دوران ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته هواوي ۽ پاڪستان ڪهڙي طرح گڏجي هڪ بهتر، ڊيجيٽل مستقبل جي تعمير جي لاءِ تع??ون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ت?? دوري دوران پاڪستان جي لاءِ هڪ اختراعي، جامع ۽ پائيدار ڊيجيٽل تبديلي کي اڳتي وڌائڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو ويو.