اسلام آباد– 26 – مارچ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ج?? قرارداد کي ??وش آئنده قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ان قرارداد تي عملدرآمد ضروري آهي، عملدرآمد کانسواءِ اها قرارداد بي مقصد هوندي، پاڪستان آزاد رياست جي پنهنجي فل??طيني ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ۾ ڀرپور آواز اٿاريندو رهندو. هو وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪندڙن جي لاءِ ايڪسي لينس ايوارڊ جي تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ سيڪيورٽي ڪائونسل ج?? قرارداد تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، ان قرارداد تي عملدرآمد ضروري اهي، ان کانسواءِ ان قرارداد جو ڪو ڪو مقصد نه هوندو. هن چيو ته غزه ۾ معصوم فل??طينين تي جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي مستقل طور تي بند ٿيڻ گهرجي. غزه ۾ ڇهن مهينن ۾ عورت?? ٻارن سميت هزارين فل??طينين کي ??هيد ڪيو ويو ۽ موجوده دور جي بدترين ڏاڍ ۽ تباهي جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن تي هر اک روئڻهارڪي آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جي مهذب ملڪن ان ڏاڍ ۽ بدترين فسطائي حربن جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي. تازي عرصي ۾ اهڙي طرح جا دل ڏکوئيندڙ واقعا ڏسڻ لاءِ نه مليا. هن چيو ته ان ڏاڍ ۾ جهڙي طرح ٻار شهيد ٿيا ان جو مثال نٿو ملي. هن چيو ته پاڪستان سموري اسلامي دنيا ۽ ٻين ملڪن سان پنهنجي فل??طيني ڀائرن جي آزاد رياست جي بنيادي حق کي ??اصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت ۾ پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو آهي ۽ اٿاريندو رهندو.