اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن صدر مملڪت جي عهدي تي آصف علي زرداري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ج??ري ڪري ڇڏيو. ريٽرننگ آفيسر طرفان ج??ري فارم 7 موجب آصف علي زرداري کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ 255، پنجاب اسيمبلي ۾ 43، سنڌ اسيمبلي ۾ 58، ڪي پي ڪي ۾ 8 ۽ بلوچستان اسيمبلي مان 47 ووٽ مليا، ??ند?? مقابلي ۾ اميدوار محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان 119، پنجاب مان 18، سنڌ مان 3، ڪي پي ڪي مان 41 ووٽ مليا. هو بلوچستا?? مان ڪو به ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو، اهڙي طرح آصف علي زرداري 411 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته محمود خان اچڪزئي 181 ووٽ حاصل ڪيا. ڪل ووٽ 1044 وڌا ويا ج?? مان 9 رد ٿيا، 1035 ووٽ درست شمار ڪيا ويا.