اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگرا?? وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سنڌ جي ناليواري ڊراما ليکڪ، ناول نگار ۽ افسانه نگار علي بابا جو فن امر ۽ لازوال آهي، علي بابا جي لکڻين ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي، علي بابا موهن جو دڙو ت?? شاندار ناول لکيو، سندس لکڻين جو اردو سميت ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ۾ تعليم واري نگرا?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي لکيل ڪتاب ”علي بابا جي شخصيت ۽ فن“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معام??ن واري نگرا?? وفاقي وزير چيو ت?? مدد علي سنڌي علي بابا ۽ سندس زندگي تي تمام شاندار ڪت??ب لکيو آهي. هن چيو ت?? علي بابا فقير ۽ درويش انسان هو جيڪو ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيو. هن چيو ت?? سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب رکندڙ سرزمين آهي، ان جو پنهنجو هڪ مزاج آهي. هن چيو ت?? علي بابا جي شخصيت بابت ڪتاب جي اندر ڪافي تفصيل موجود آهن. هن چيو ت?? علي بابا جيترو وڏو ليکڪ هو ايترو ئي هو پنهنجي عظمت کان غافل هو، هن پنهنجي ذاتي زندگي ۽ لکڻين ۾ پنهنجي عظمت جي بار بار نفي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ت?? علي بابا جي لکڻين ۽ افسانن ۾ وجوديت ۽ ذات جي گهرائي نظر اچي ٿي. نگرا?? وفاقي وزير چيو ت?? علي بابا موهن جو دڙو ت?? شاندار ناول لکيو، سندس لکڻين جو انگريزي سميت پاڪستان ۾ اردو ۽ ٻين زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگرا?? وفاقي وزير چيو ت?? علي بابا جو ڊرامو ”دنگي منجهه درياءَ (دريا ۾ تيرندڙ ٻيڙي) ميوخ ۾ ٿيندڙ سالياني ڊراما فيسٽيول ۾ بهترين ڊرامي جو ايوارڊ کٽيو. نگرا?? وفاقي وزير چيو ت?? علي بابا تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ پنهنجي زندگي گذاري پر پنهنجي عزت نفس کي ڪڏهن قربان نه ڪيو. هن علي بابا جي لکڻين کي پڙهڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ت?? علي بابا جو فن امر ۽ لازوال آهي، علي بابا اڄ به اسان سان گڏ پنهنجي فن جي صورت ۾ موجود آهي. هن نگرا?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي جا ٿورا مڃيندي چيو ت?? هن علي بابا جي زندگي تي هڪ بهترين ڪت??ب لکيو. نگرا?? وفاقي وزير چيو ت?? اسان جي ڪوشش هوندي ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ علي بابا جي لکڻين کي نئين شڪل ڏئي پيش ڪيو وڃي.