اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم سان ??وابازي واري صلاحڪار ايئر مارشل (ر) فرحت حسين اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هوابازي واري صلاحڪار نگران ??زيراعظم کي وزارت جي معاملن ۽ حڪومت جي هوابازي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان تفصيلي طور آگاهه ڪيو. نگران ??زيراعظم کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽ آپريشن جي آئوٽ سورسنگ جي عمل تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگران ??زيراعظم هدايت ڪئي ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ايئرپورٽس جي آپريشنز جي آئوٽ سورسنگ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي ۽ ان ۾ شفافيت کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي. نگران ??زيراعظم چيو ته پاڪستان جي هوابازي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت موجود آهي. حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ ملڪي خزاني کي نقصان ??هچائيندڙ ادارن جي نجڪاري ڪري ??وم?? خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ سرفهرست آ??ي.