مظفر آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪس??ان طرف اک کڻي ڏسي، گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪ??مي??ي عوام جي امنگن موجب ريفرنڊم کانسواءِ ڪ??مي?? مسئلي جو ڪو حل قبول نه آهي، مودي والاريل ڪ??مي?? کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اصل ڌيان ان ڳالهه تي رهڻ گهرجي ته اسرائيلي ظالم نيتن ياهو جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن، اتي جنگبندي ٿئي ۽ انساني لنگهه کلي، پاڪس??ان ۾ قانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي واپس نه پيو موڪليو وڃي، پنهنجا وسيلا غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه پنهنجي شهرين تي خرچ ڪرڻا آهن، معيشت بهتر ٿي رهي آهي، اميد آهي ته وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن ج?? حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، داخلائن جي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو، وفاقي حڪومت آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي شاگردن جي مسئلن ج?? حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جي آبادي 24 ڪروڙ آهي ۽ 60 کان 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن ??ي ٻڌل آهي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪ??مي??ي آزادي جي تحريڪ جو اهم حصو آهن. معاشي موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي ضرورت آهي. روزگار حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ ويندڙن کي منفي انداز ۾ نه وٺڻ گهرجي. نوجوانن کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته اهي جنهن شعبي جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ان جي عملي ميدان ۾ ڪيتري اهميت آهي، معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين کي درپيش مسئلن ج?? حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ايڇ اي سي سان ميڊيڪل ۽ ٻين شعبن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ اسان جي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ان جي لاءِ هڪ ٺوس منصوبو جوڙيو پيو وڃي. اميد آهي ته ان جا بهتر اثر پوندا. داخلائن جي لاءِ ڪوٽا جو مسئلو گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هڪ جهڙو تعليمي نصاب سنجيده معاملو آهي ۽ اهو چئلينج به آهي، ان تي تفصيلي غور فڪر ڪري عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، سنجيده بحث سان ئي اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهون ٿا. پارليامينٽ کي ان ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسان حوصلا افزائي ڪنداسين ته ان تي ڪو لاڀائتو بحث ڪيو وڃي. اڳتي وڌڻ جي لاءِ مڪالمي جو فروغ ضروري آهي. هن چيو ته فزيوٿراپي ڪائونسل ۽ نرسنگ ڪائونسل جي حوالي سان جيڪي به معاملا آهن آزاد ڪ??مي?? جي حڪومت سان ان تي ڳالهه ڪنداسين. ميڊيڪل جي تعليم جي حوالي سان هڪ نئين پاليسي ٺاهي پئي وڃي، 15 جنوري تائين منظوري جي لاءِ اها ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي جنهن ۾ سمورن معاملن جو حل ڏنو ويندو. هن چيو ته ميڊيڪل جي شعبي جي مسئلن ج?? حل لاءِ آزاد ڪ??مي?? حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته نريندر مودي والاريل ڪ??مي?? کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهن جي چرپر ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ تي پابندي آهي. اهي سمورا مسئلا ان وقت حل ٿيندا جڏهن ڪ??مي?? مسئلي جو حتم?? حل نڪرندو. ان حتم?? حل کانپوءِ سڀني جي لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون. هن چيو ته ڪوريڊورز جي پنهنجي اهميت آهي پر ان ۾ ڀارت هڪ وڏي ۽ ظالم ڌر آهي. ڪ??مي?? جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ ڪوريڊور قائم ڪرڻ جي لاءِ اسان هڪطرفي طور تي ڪو فيصلو نٿا ڪري سگهون. نگران وزيراعظم چيو ته ڪ??مي?? مسئلي جو حتم?? حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو ۽ غيجانبداراڻو ريفرنڊم آهي. ڪ??مي??ي عوام، پاڪس??ان ۽ ڀارت ان مسئلي جا سڀ کان وڏي ڌر آهن، ريفرنڊم کانسواءِ ڪو حل قابل قبول نه هوندو. نگران وزيراعظم چيو ته افواهون دوست نه پر دشمن ڦهلائيندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اسان جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿين، اسان جي اها ذميواري آهي ته اسان انهن افواهن جو ازالو ڪريون ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ منفي جذبن جو ازالو ڪريون. ڪ??مي?? جي آزادي جي تحريڪ ۾ هزارين ڪ??مي??ين پنهنجو رت وهايو آهي. پاڪس??ان ان مسئلي تي ٽي جنگيون وڙهي چڪو آهي ۽ اڳتي به هر قسم جي جنگ وڙهڻ جي لاءِ تيار آهي. ڪ??مي?? مسئلي جو رڳو هڪ ئ?? حل آهي ۽ اهو آهي ريفرنڊم. اسان ڀارت جي جنهن قدم جي خلاف عالمي سطح تي آواز اٿاري رهيا آهيون اهو ئي قدم پاڻ ڇو کڻنداسين، ڪ??مي??ي پنهنجو فيصلو پنهنجي مرضي سان ڪندا، ڪ??مي?? مسئلي تي پنهنجي موقف ??ان هڪ انچ به پٺتي نه هٽنداسين ۽ ان کي هر فورم تي اجاگر به ڪندا رهنداسين، پاڪس??ان ڪ??مي??ين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نگران وزيراعظم چيو ته هائوس جاب جو معاوضو پوري ملڪ ۾ برابر هجڻ گهرجي. وفاقي حڪومت جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ته ڪندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ کي 2019ع ۾ خودمختيار بڻايو ويو آهي. ناڻي واڌ جي شرح کي نظر ۾ رکندي وياج جي شرح جو تعين ڪيو وڃي ٿو. اسان اسٽيٽ بئنڪ تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهون پر جهڙي طرح معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي، اميد ڪريون ٿا ته مستقبل ۾ وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي ايندي. نگران وزيراعظم چيو ته وچولو ۽ وچٿرو طبقو پاڪس??ان جو بنياد آهي ۽ انهي طبقن کي ملڪ کي اڳتي وٺي هلڻو آهي. اسڪالرشپ جي فراهمي جي حوالي سان امتيازي رويو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ به ڪ??مي?? جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نظرانداز نه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ته ان جو ازالو ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت آزاد ڪ??مي?? جي قيادت ۽ حريت اڳواڻن سان ڊگهي مشاورت ٿي آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اسان کي ڀرپور توانائي سان ڪ??مي?? مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آهي. ڪ??مي??ي قيادت، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ ٻين طبقن کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪيو ويندو، ان جا عملي اثر جلد نظر ايندا. نگران وزيراعظم چيو ته تحقيق ۽ ترقي قومن کي باعزت مقام ڏيارين ٿيون، ميڊيڪل جي شعبي جي لاءِ خصوصي معاون جي مقرري به ڪئي وئي آهي، اهو به آزاد ڪ??مي?? جو دورو ڪري ان حوالي سان معاملن جو جائزو وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قومون پنهنجي جاگرافيائي سان گڏوگڏ پنهنجي روح جي لاءِ وڙهن ٿيون، ڪ??مي?? تڪرار رڳو پاڪس??ان ۽ ڀارت جي وچ ۾ نه آهي، پر ڪ??مي??ي ان جو هر اول دستو آهن، ڪ??مي??ين جي 200 سال جي تاريخ آهي ۽ اها سڃاڻپ تمام پراڻي آهي، ان جنگ ۾ پاڪس??ان ڪ??مي??ين سان گڏ بيٺل آهي، ڪ??مي??ين جي 99.9 سيڪڙو آبادي وڏي جرئت ۽ همت سان وڙهي رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته مون غزه کي اهڙو مقام قرار ڏنو آهي ج??ي ٻارن سان هولوڪاسٽ ٿي رهيو آهي، اسرائيلي جنگي ڏوهن جو ذڪر اسان هر جاءِ تي ڪيو آهي ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين، اسرائيل جيڪي ظلم ڪري رهيو آهي انساني تاريخ ۾ ان جو مثال شايد ئي ملي ٿو، حضرت موسيٰ جا پيروڪار هجڻ جا دعويدار فرعون بڻيل آهن، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي رهي آهي، اهڙي ڳالهه نه آهي ڪو سمجهي ته رڳو انهن جا جذبا آهن ۽ حڪومت جذبن کان خالي آهي. هن چيو ته بجاءِ ان جي جو اسان هڪ ٻئي جي گريبانن ۾ هٿ وجهون پر اصل ڌيان ان ڳالهه تي رکڻ گهرجي ته هي جيڪو اسرائيلي ظالم نيتن ياهو آهي ان جا هٿ ڪيئن روڪيا وڃن ۽ اسان جي پهرين ڪوشش جنگبندي ۽ انساني ڪوريڊور کولڻ جي مطالبي تي رهي، غيرضروري بحث ڪنهن صورت ۾ به انهن معصوم شهيدن جي حق ۾ نه هوندو. نگران وزيراعظم چيو ته غزه اسان جي دل ۽ دماغ ۽ روح جي ويجهو آهي، فلسطينين تي ظلمن جي ڪري اسرائيل جي خلاف دنيا ۾ نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي، غزه ۾ جنگبندي جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن، پاڪس??ان فلسطينين ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪس??ان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي وطن واپسي بابت سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان هڪ به افغان پناهگير کي واپس ناهي موڪليو، 50 لک افغان پناهگير پاڪس??ان ۾ رهي رهيا آهن، انهن مان 16 کان 17 لک جي رجسٽريشن ڪئي وئي، رجسٽرڊ ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي به واپس ناهي موڪليو ويو پر ان سان گڏوگڏ لکين ماڻهن وٽ ڪو قانوني دستاويز نه هو ۽ اسان انهن کي لاڳيتو چئي رهيا هئاسين ته اهي پنهنجي وطن واپس وڃن ۽ ا??ان قانوني دستاويز تي پاڪس??ان اچي سگهن ٿا. هن چيو ته اسان کي پنهنجا وسيلا پنهنجي شهرين تي استعمال ڪرڻا آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين تي نه. هن چيو ته ذهني صحت جي حوالي سان معاملن ک?? حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اميد آهي ته آزاد ڪ??مي?? حڪومت ان حوالي سان قدم کڻندي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي ڪنهن سان جنگ وڙهڻ جو شوق نه آهي پر جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته اسان ڪمزوري ڏيکارينداسين يا جهُڪي وينداسين ته اهو پنهنجي غلط فهمي ختم ڪري ڇڏي، هو 30 جنگيون وڙهندا ته اسان 300 جنگيون وڙهڻ جي لاءِ تيار آهيون، پاڪس??ان جي دفاعي صلاحيت جي ڪري ڪنهن ۾ جرئت نه آهي ته پاڪس??ان طرف اک کڻي ڏسي. جيڪا نعمت اسان کي رياست جي صورت ۾ ملي آهي ان جو قدر ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته هو هتي مشاورت جي لاءِ آيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي، هڪ ٻئي جي حوصلا افزائي به ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي کان سکنداسين به، ڪنهن قدم جي مذمت ڪرڻ به هڪ عمل هوندو آهي، سفارتي، ميڊيا سميت ڪنهن به محاذ کي آواز اٿارڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ گهرجي، سفارتي سطح تي ڪنهن به قدم جي جيڪڏهن مذمت ڪئي ويندي آهي ته اها به هڪ سفارتي گهرج هوندي آهي ان کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.