اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پشاور ۾ وارسڪ روڊ تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم قانون ل??ڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي پاڪستان جي امن تباهه ڪرڻ جي ن??پا?? ارادن کي ڪڏهن به ??امياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. هن يقين ڏياريو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏياري وي??دي. نگران وزيراعظم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ ٻارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.