اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ??رڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضروري وسيلن جي فرا??مي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊون منعقد ??رڻ جي حوالي سان ڪميشن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊن جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ??ليڪشن ڪميشن جو دورو ??رڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ??رڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمورن ضروري وسيلن جي فرا??مي يقيني بڻائيندي.