اسلام آباد-09 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ مفڪر پاڪستان عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو 146هون يومِ پيدائش جوش ۽ خروش سان ملهايو ??يو. علامه اقبال جي يومِ ولادت جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل باوجود مختلف تنظيمن طرفان سيمينارن جو بندوبست ڪيو ??يو. سيمينارن کي خطاب ڪندي مقررن علامه اقبال جي زندگيءَ جي مختلف پاسن تي روشني وڌي. شاعر مشرق جي تحريڪ پاڪستان لاءِ جدوجهد کي سٺي انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت يوم اقبال جي مناسبت سان ڪالهه سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو. علامه محمد اقبال 9 نومبر 1877ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر ??ان حاصل ڪئي ۽ 1905ع ۾ برطانيه هليو ??يو ۽ـ پوءِ وڪالت جي تعل??م وٺڻ شروع ??ئي. وڪالت کانپوءِ جرمني هليو ??يو جتي هن پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. علامه اقبال 1910ع ۾ وطن واپسيءَ کانپوءِ وڪالت سان گڏوگڏ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ??يو ۽ پنهنجي شاعريءَ ذريعي سياسي طور مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو. 1934ع تي مسلم ليگ مرڪزي پارلياماني بورڊ جو ميمبر بڻيو، جڏهن ته طبيعت ان جو ساٿ نه ڏنو ۽ هو قيامِ پاڪستان کان 9 سال اڳ 21 اپريل 1938ع تي لاهور ۾ وفات ڪري ويو.