اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (??ي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جي وزير ميان عبدالوحيد ايڊووڪيٽ چيو آه?? ته اسان جي بزرگن ڊوگره راڄ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري آزادي جي بيس ڪئمپ جو بنياد رکيو، آ??اد ڪشمير جو يوم تاسيس عظيم شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، قابض ڀارتي فوج آڏو شيهي جي ديوار پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن عوام کي آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته رياست جي بيس ڪئمپ ۾ آزاد حڪومت جي قيام جو مقصد ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي پنهنجي ??نط??ي انجام تائين پهچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز آٺ مقام ۾ آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جي بزرگن آزاد ڪشمير جي بنا ڪنهن هٿيارن جي آزاد ڪرايو، آ??اد ڪشمير حڪومت جي اولين ترجيح ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ آهي، آ??اد ڪشمير جي عوام والاريل ڪشمير ڀائرن سان گڏ پُوري سگهه سان بيٺل آهي.