اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري ڪاروباري شخصيت ۽ پاڪستان سروس لميٽيڊ ج?? چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مرتضيٰ هاشواڻي سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي ڪاروباري سگهه کي مڪمل طور تي اس??عمال ۾ آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مرتضيٰ هاشواڻي نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ معاشي اس??حڪام آڻڻ جي ڪامياب ڪو??شن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي ملڪ جي ڪاروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪاروباري حصيداري جي تجويز پيش ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي تمام گهڻي سگهه موجود آهي. پاڪستاني ڪاروباري برادري ۽ چيني تعاون جي ذريعي خنجراب پاس کان وٺي سوات تائين جي علائقي جي سياحت جي شعبي ۾ خاطرخواهه ڪم ڪري سگهجي ٿو. ملڪ ۾ سياحتي ماڳن تي موجود سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ اس??عمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.