ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وف??قي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن، پر وف??قي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن سردار به??در ??ان ويمن يونيورسٽي ۾ شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان بلوچستان جي شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون، ماضي جي حڪومتن تعليم تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا. اسان جي ڪوشش آهي ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪريون، هن وقت بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻ??ر اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن وٽ هليو ويو آهي پر ان باوجود وف??قي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. هن چيو ته اسان وچن ڪريون ٿا ته سمورن صوبن لاءِ هڪ اهڙي تعليمي پاليسي بڻايون جيڪا ايندڙ حڪومتن لاءِ مشعل راهه هجي، هن چيو ته 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن پر ان ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، جيستائين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جا معياري موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن انهن لا??ِ عملي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ مشڪل هوندو، هن چيو ته صوبي ۾ تعليم کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ لاءِ وف??قي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته سردار به??در ??ان ويمن يونيورسٽي جي خضدار ۽ پشين ڪيمپس لاءِ 50 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان يونيورسٽي ۾ معياري تعليم ۾ وڌيڪ به??ري ايندي، تقريب جي آخر ۾ وف??قي وزير شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.