اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار گرلز شاهه الهڏته جو دورو ڪيو. ان موقعي تي تعليم کاتي جا سينئر آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت طرفان ??اري پريس رليز مطابق وفاقي وزير مدد علي سنڌي جو ته ان ??و ويزن آهي ته اسلام آباد کي ملڪ جي ٻين حصن لاءِ هڪ ماڊل بڻايو ??ڃي. هن سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيو ته هو پنهنجي ڪوشش?? کي گڏ ڪندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اسلام آباد ۾ جلد کان ??لد OOSC هجي. هن چيو ته اسلام آباد کي باقي ملڪ لاءِ مثال بڻايو ??يندو. وفاقي وزير مدد علي سنڌي اسڪول جي دوري ۾ واش روم ۽ پاڻي جي سهولتن جو معائنو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بنيادي سهولتن کان ??واءِ تعليم جو مقصد پورو نه ٿو ??ي سگهي. هن حڪم ڏنو پي ايس ڊي پي جي ترقياتي پروجيڪٽس کي فوري مڪمل ڪيو ??ڃي. وڌيڪ شاگردياڻين جي تعداد کي مئنيج ڪرڻ لاءِ نوان ڪلاس روم ٺاهيا وڃن. وفاقي وزير پاڪستان ??ي مطالعي جي اسٽوڊنٽس کان ??وال ڪيا. اسٽوڊنٽس جي حاضر جوابي تي وفاقي وزير ٽيچرز ۽ اسٽوڊنٽس جي همت افزائي ڪندي چيو ته هي تمام سٺي ڳالهه آهي ته اسٽوڊنٽس کي مطالعي پاڪستان ??ي عبور حاصل آهي.