اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي علائقائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سياسي مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پاڪستان جو هڪ اهم سيڙپڪاري پارٽنر آهي. ناروي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران تازو ئي ق??ئم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪ??ئو??سل ب??بت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان کي ڪ??ئو??سل سا?? پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.