اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي ??ي سلسلي ۾ شڪر پڙيان ۾ قومي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي به نگران وزيراعظم سان گڏ هو. نگران وزيراعظم دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان ۾ ٿيندڙ ت??ريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم آزادي جي جدوجهد جي هيروز، ملڪ جي دفاع، استحڪام ۽ تحفظ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي در??ن جي بلندي لاءِ دعا به ڪئي.