ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام آمدني واپار جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ غير ملڪي شين بدران مقامي مصنوعات جي استعمال کي هٿي ڏي. اهڙو اظهار هن ??قامي هوٽل ۾ ميڊ ان پاڪستان موومينٽ ۽ ميڊ ان پاڪستان ڪانفرنس ۽ سڃاڻپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسان مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا، واپاري برادري برانڊ پاڪستان لاءِ سخت محنت ڪري، هن ??اڪستاني مصنوعات جي ٽريڪ رڪارڊ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني مصنوعات عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪ??ي آهي، عالمي سطح تي ميڊ ان پاڪستان مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، هن ??اپاري اڳواڻن ۽ ملڪ جي نوجوانن کي چيو ته هو سماجي مسئلن کي صحيح ڪرڻ ۽ مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪ??دار ادا ڪن. صدر چيو ته اميرن کي گهرجي ته هو ضرورتمندن جي مدد ڪن، تقريب ۾ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ميڊ ان پاڪستان تحريڪ جو باني رضوان جعفر پڻ شامل هو.