اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??وام کي جيڪي بل مليا اهي جولاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ??جلي ج?? بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، اسان جو ڌيان عوام کي ريليف ڏيڻ تي آهي، اسان ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ??سان ان مسئلي جو نوٽيس ناهي ورتو، سڀاڻي ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان مسئلي تي ڳالهه ٿيندي، اميد آهي عوام کي ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته نگران وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي ج?? بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو، اڄ به بجلي ج?? بلن جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين سان اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته ??ن ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته ??ءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ميديا کي بجلي ج?? بلن ۾ اضافي جي سببن کان ماڻهن کي آگاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي سياسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، اسان ان کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چيو ته ??سان کي سمورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته ??وام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ان مسئلي جي حل طرف وڃڻ گهرجي، اسان کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي فرق کي سمجهڻو پوندو. هن چيو ته ??وام ڊسڪوز جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ بدران ان مسئلي جي حل طرف اچي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران ??فا??ي وزير چيو ته نگران حڪومت جي مدي جو تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت چونڊن جي حوالي سان پورو شيڊيول پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو آهي. هن چيو ته ??سان اليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.