اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي وفاقي بجيٽ تي ٻئي ڏينهن به بحث جاري رهيو. ان دوران ميمبرن مشڪل معاشي صورتحال ۽ چئلينجن باجود بجٽ کي متوازن قرار ڏنو. سرڪاري مل??زمن جي پگهارن ۽ پيشن ۾ معمولي اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومتي قدمن سان مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي جي اميد آهي، مشڪل حالتن کانپوءِ بهتريءَ جي اميد آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ تي بحث وٺندي قومي اسيمبلي ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چي?? ته مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيمن جي تعمير کي قومي ترجيح بڻايو وڃي ته اسان وٽ ايتري دولت اچي ويندي جو ٻئي طرف نِهارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، اسان پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا، زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته هتي ڪوبه بُکيو نه مرندو، سرڪاري مل??زمن جي پگهارن ۾ واڌ انتهائي سٺو قدم آهي، غريب جي غربت دُور ڪرڻ سان ئي معيشت ۾ بهتري ايندي، دعا آهي ته ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿين، هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ تي ڪو خطرو نه رهندو. جماعت اسلامي جي پارلياماني ليڊر مولانا عبدالاڪبر چترالي چي?? ته جيستائين آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 38 ايف مطابق ملڪ کي وياج جي لعنت کان پاڪ نه ڪبو تيستائين ملڪ ترقي نٿو رڪي سگهي، مالاڪنڊ ڊويزن ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ ٽيڪسن جي ڇوٽ جي مدت 2033ع تائين جي توسيع ڪئي وڃي. هن چي?? ته نئين مالي سال جي 14 ٽريلين جا وفاقي بجيٽ ۾ 7 ٽريلين وياج جي ادائگيءَ تي خرچ ٿيندا، عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. سرڪاري مل??زمن جي پگهارن ۾ واڌ سٺو سنوڻ آهي پر اهو ايڊهاڪ الائونس آهي، پينشنرن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو گهٽ آهي. ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ مل??زمن جي پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ هاڻ پي ٽي وي جي مل??زمن کي پينشن جي سهولت ڏني وڃي. متحده مجلس عمل جي مولانا محمد انور بجيٽ تي بحث ڪندي چي?? ته گذريل سال ايندڙ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. نور الحسن تنوير بحث ۾ حصو وٺندي ڏُکين ۽ نامناسب حالتن ۾ هڪ سٺو بجيٽ پيش ڪرڻ جي تعريف ڪئي ۽ چي?? ته مخالفن کي تنقيد لاءِ ڪوبه جواز ناهي ملي رهيو، جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن جيڪي تجويزون ڏنيون آهن انهن کي حڪومت نظر ۾ رکندي قدم کڻندي. هن تجويز ڏني ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن جي تعليم لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. مهيش ڪمار چي?? ته سرڪاري مل??زمن جي پگهارن ۾ اضافو هڪ سٺو قدم آهي. هن چي?? ته 9 مئي هڪ ڪارو ڏينهن هو، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چي?? ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ 2600 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آهي، ٿر جي علائقي ۾ ڪيترائي ڳوٺ اهڙا آهن جتي اڃا تائين بجلي ناهي، ٿر لاءِ ترقياتي منصوبن لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي. شاهده رحماني چي?? ته هن ملڪ جي آئين سان مذاق ڪيو ويو، اسان جي پارٽي ڊگها جيل ڪاٽيا آهن، پر اسان جو ورڪر پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ بيٺل رهيو. جيڪي اڊيالا جيل ۾ 2 ڏينهن ناهن گذاريا انهن کي ٻُڌائيندا هلون ته فريال ٽالپر کي عيد رات گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته ان استقامت جو مظاهرو ڪيو. هن چي?? ته اسان جي حڪومت کي هڪ سال ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج جو مُنهن ڏسڻو پيو. بدترين ٻوڏ جو مُنهن ڏسڻو پيو، ميڊيا ورڪرن لاءِ ان بجيٽ ۾ هيلٿ انشورنس ڏني وئي آهي جيڪو سٺو سنوڻ آهي.