اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊيو پ??ڪستا?? جي ملازمن کي رٽائرمينٽ مراعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ريڊيو پ??ڪستان جهڙي روينيو پيدا ڪندڙ اداري کي مالي وسيل?? جي شديد کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ريڊيو پ??ڪستا?? جي 38 ملازمن کي 3 مهين?? جي اندر پينشنري مراعتون ادا ڪري، ريڊيو پ??ڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو اعليٰ سطح تي ??ٿا??ڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اطلاعات واري وزارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز ??ٿا??ٽي کان من??وري وٺي ۽ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿيندڙ انهن اڳوڻن ملازمن جا پينشن پيمنٽ آرڊرز جاري ٿيا پر ادائيگي نه ڪئي وئي. وفاقي محتسب ريڊيو پ??ڪستان پاران متاثر ملازمن کي مالي مسئل?? جي بنياد تي ادائيگي نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊيو پ??ڪستان کي رٽائرڊ ملازمن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي محتسب موجب افسوس جو اڳوڻا ملازم پوڙهائپ ۾ پنهنجي حق?? جي لاءِ رُلي رهيا آهن، پوڙهائپ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ ملازم جي بنيادي ضرورت هوندي آهي. ريڊيو پ??ڪستان محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ريڊيو پ??ڪستا?? جي اپيل اڪلائيندي چيو ته مڃيل قانون آهي ته رٽائرمينٽ مراعتون رياست پاران انعام نه آهي، رٽائرمينٽ مراعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمت?? جي ڪري ملندڙ حق آهي. صدر چيو ته پينشنري فائدي?? جي ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳڻتي جوڳيون آهن. ريڊيو پ??ڪستان پاڻ پنهنجي ملازمن کي رقم جي ادائيگي جي ذميواري تسليم ڪئي آهي. صدر هدايت ڪئي ته اطلاعات وارو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز ??ٿا??ٽي کان من??وري وٺي.