اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف سان مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سي??ي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نجم س??ٺي وزيراعظم کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نجم س??ٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عالمي ٽورنامينٽس ۾ شموليت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي حوالي سان پن مشاورت ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اس??اق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.