اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شنگهائي تع??ون ت??ظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، ايس سي او جي اجلاس ۾ شرڪت ڪارائتي ثابت ٿي، ڀارت ۾ ويهي ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پا??ست??ن دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پا??ست??ن جو به مسئلو آهي، ش??يد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن ??اب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن ??اب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪئي، اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تع??ون ت??ظيم جو نالو وٺڻ کانسواءِ اسان جي ميزبان ڪجهه معاملا اٿاريا، ش??گهائي تع??ون ت??ظيم جي اجلاس دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، ايس سي او جي اجلاس ۾ پا??ست??ن جي موقف کي سڀني جي سامهون رکيو. هن چيو ته گووا وڃڻ کان اڳ طئي ڪيو هو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تع??ون ت??ظيم گهڻ رخو فورم آهي جنهن جو پا??ست??ن 2017ع ۾ ميمبر بڻيو آهي. هن چيو ته شنگهائي تع??ون ت??ظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه جو جواب ڏيڻ جو موقعو مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پا??ست??ن هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن جو خواهشمند اهي، ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پا??ست??ن دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پا??ست??ن جو به مسئلو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو متاثر آهيان. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته آئون ڪنهن به پليٽ فارم کي ڇڏڻ جو حامي نه آهيان، آگسٽ 2019ع کانپوءِ شنگهائي تع??ون ت??ظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪافي مشڪل هو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي اجازت ڏي ته جي – 20 اجلاس تي ان ڪئميره بريفنگ بهتر ڏئي سگهان ٿو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن ??اب?? اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.