اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف ??ي آر جي درخواست رد ڪندي ايف ??ي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نجي ڪمپني جي اڪائونٽنٽ ڪمپني پاران مبينا ٽيڪس فراڊ جي معل??ما?? ايف ??ي آر کي ڏني هئي، اطلاع ڏيندڙ جي معل??ما?? ڪمپني جي مالڪ کي ليڪ ڪئي وئي جنهن تي ملازم کي ڌ??ڪي?? کي منهن ڏيڻو پيو. صدر چيو ته ايف ??ي آر وضاحت ڪري ته هو قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڪمپني کان سيلز ٽيڪس جي وصولي لاءِ فراهم ڪيل معل??ما?? کي مڪمل طور تي ڇو استعمال نه ڪري سگهيو. ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف ??ي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ايف ??ي آر پنهنجي لاڳاپيل اسيسمنٽ آرڊر تي نظرثاني ڪري. صدر هدايت ڪئي ته ايف ??ي آر اطلاع ڪندڙ کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ۽ فراهم ڪيل معل??ما?? کي مڪمل طور تي استعمال ڪري. صدر ڪمپني پاران مختلف مبينا مالي بي ضابطگين بابت مع??ما?? جو مڪمل فائدو نه کڻڻ تي ايف ??ي آر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو اطلاع ڏيندڙ جي تصور ۽ ان حوالي سان قانونسازي جي سخت خلاف آهي. هن چيو ته معل??ما?? مان فائدو کڻڻ بدران ايف ??ي آر تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب محمد ال??اس ناردرن ٽولنگز پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو، هن ايف ??ي آر کي خبر ڏني ته ڪمپني مختلف مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي. وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري/دوکيبازي جي اطلاع تي شهري کي اطلاع ڏيندڙ طور رجسٽرڊ ڪيو ويو. ايف ??ي آر ڪمپني جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ۽ 1.5 ڪروڙ رپين جي وصولي ڪئي، وصول ٿيل رقم فراهم ڪيل معل??ما?? صحيح طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري تمام گهٽ هئي. سي ٽي او لاهور جي عملي ٽيڪس چوري ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ کي اطلاع ڪندڙ جي سڃاڻپ به ظاهر ڪئي جنهن تي ڪمپني اڪائونٽنٽ کي پوليس ۽ ٻين ڪاررواين سان ڌ??ڪي??ن ڏنيون. شڪايت ڪندڙ وفاقي ٽيڪس محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن ملازم کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ايف ??ي آر فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب جو حڪم رڳو ايف ??ي آر جي فرض جو ورجاءُ آهي ته معل??ما?? مڪمل طور تي استعمال ڪئي وڃي، ايف ??ي آر چوري ٿيل سيلز ٽيڪس جي رقم جي وصولي لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف ??ي آر کي معاملي تي ٽيڪس محتسب کي 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي وڌيڪ هدايت پڻ ڪئي آهي.