اسلام آب??د – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي ر??ضان جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الحمدالله رمضان مهيني جي سعادتون ۽ برڪتون هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي مليون آهن، رمضان مهيني ۾ مسلمان امت ۽ پاڪستان جي بهتري لاءِ خصوصي دعائون ڪريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان المبارڪ جي موقعي تي پنهنجي پيغا?? ۾ ??يو ته رمضان الله ڪريم جي ??حم??ن ۽ برڪتن جو خصوصي مهينو آهي. وزيراعظم الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن، غربت ۽ مهانگائي ڇوٽڪارو عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي آڏو پاڪستان جي خوشحالي ۽ سربلندي، دهشتگردي کان ڇوٽڪاري جي خصوصي دعا ڪريو، اجتماعي مغفرت، انسانيت جي بهتري ۽ ??فت?? کان بچاءُ جي لاءِ خصوصي دعا جي اپيل ڪئي آهي، الله تعاليٰ هن مبارڪ مهيني کي اسان جي اجتماعي بخشش، انسانيت جي بهتري جو ذريعو بڻائي.