اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وزيراعطم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ائ??مي ۽ ميزائيل پروگرام جي حوالي سان سوشل ۽ پرنٽ ميڊيا تي گردش ڪندڙ تازن سمورن بيانن، پريس ??يليز، سوالن ۽ مختلف دعوائن ۾ عالمي ائ??مي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي جي پاڪستان جي دوري جي ڏس ۾ پرامن ائ??مي پروگرام کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جو ائ??مي ۽ ميزائيل پروگرام هڪ قومي اثاثو آهي جنهن جي رياست غيرتمندي سان حفاظت ڪري ٿي، اهو مڪمل پروگرام مُڪمل طور تي محفوظ، فول پروف ۽ ڪنهن به دٻاءُ کانسواءِ آهي. هن چيو ته هي پروگرام ان ??قصد کي هر طرح سان ??ورو ڪري ٿو جنهن جي لاءِ اها صلاحيت حاصل ڪئي وئي آهي.