اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عو??تن جو عالمي ڏهاڙو رڳو عو??تن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي تجديد عزم جو ئي نه پر هڪ گهر کي خاندان، معاشري کي ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جهڙن رشتن سان مهذب سماج بڻائيندڙ عو??تن جي قربانين، خدمتن ۽ وفائن جي اعتراف جو پڻ ڏينهن آهي. عو??تن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن عو??تن کي سلام پيش ڪندي چيو ته هر گهر ۾ ٻارڙين سان برابر سلوڪ سان ئي ترقي ٿيندي. عو??تن جي عالمي ڏينهن تي انهن والدين، استادن کي پڻ سلام جيڪي پنهنجي ڌيئرن ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ انهن جي زندگين ۾ اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اطلاعات واري ??فاقي وزي?? چيو ته هڪ ٻارڙي جي تعليم جو مطلب نسلن جي ترقي آهي، هڪ صحتمند بااعتماد ڌيءَ سان ئي هڪ صحتمند بااعتماد ۽ باوقار قوم وجود ۾ اچي ٿي.