اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه س??ن گڏ بيٺل رهندو، ان سلسلي ۾ حڪومت جاري ر??سڪيو ۽ ريليف سرگرمين کي ملڪ گير مهم ۾ توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مُون سمورن وڏن وزيرن سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن کي ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر ماڻه?? جي لاءِ قومي امدادي مهم ج?? ذميواري کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي. ترڪيه جي زلزلي متاثري?? جي امداد لاءِ اسان واپاري برادري، مذهبي اسڪالرز ۽ تعليمي ادار?? جي حمايت حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هي هڪ صديءَ جو بدترين زلزلو هو، اسا?? جي حيثيت ٻن ملڪن ۾ رهندڙ هڪ قوم ج?? آهي ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهنداسين.