اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ايوارڊ يافته ناليواري شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس امجد اسلام امجد جي ل??ڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري تعزيتي بيان موجب صدر امجد اسلام امجد جي ادبي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ پاڪستان هڪ وڏي شاعر ۽ اديب کان محروم ٿي ويو. هن چيو ته اردو ادب ۾ امجد اسلام امجد جو خال ڀرجي نٿو سگهجي، مرحوم فن جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اردو ادب جي ل??ءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر اردو زبان جي ل??ءِ مرحوم جي خدمتن کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي امجد اسلام امجد جي ل??ڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون گهرڀاتين سان گڏ آهن. صد?? دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت نصيب فرمائي. هن مرحوم جي مغفرت جي دعا ۽ وارثن جي صبر جميل جي ل??ءِ دعا ڪئي.