اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات جي دوري جو مقصد واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته يو اي اي جي منهنجي دوري جو مقصد صدر شيخ محمد ??ن زايد النهيان سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ آهي. هن چيو ته اسان ان عزم ۽ فهم جو ادراڪ رکون ٿا ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش?? جي ضرورت آهي.