اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف چيو آهي ته مصيبت ۾ گهيريل ٻوڏ متاثرين جو مشڪل وقت ۾ سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيرا??ظم چيو ته سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو جتي هن وقت ??ه لکين معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون سخت سرديءَ ۽ بنا اجهي ۽ ڇت جي حالت ۾ موسمياتي تبديلي جي نه ڪيل گ??اهه جي سزا ڀوڳي رهيا آهن. اسان سڀني کي مصيبت ۾ گهيريل انهن پاڪستانين جو هن مشڪل وقت ۾ سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي.