اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي تحت سڄي ملڪ ۾ ٺاهيا ويندڙ خصوصي اقتصادي زونز سان پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ ??ڌي?? اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي، انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي ترقي ۾ پڻ مدد ملندي، سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو ??ندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خ??ي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي عنوان سان ٽئين گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ تحت تيار ڪيا ويندڙ پنج خصوصي اقتصادي زونز ۾ جديد ترين انفراسٽرڪچر هوندو ۽ پاڪستان حڪومت جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعت جي قيام جي لاءِ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪندي. هن مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي آسانين ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ذريعي پيش ڪيا ويندڙ موقعن مان فائدو کڻن. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ پاڪستان آبزرور جي چيف ايڊيٽر فيصل زاهد ملڪ پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، ميڊيا ۽ واپاري برادري جي نمايان شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??در چيو ته ملڪ جي سيڙپڪار دوست پاليسين جا مثبت نتيجا نڪري رهيا آهن، جنهن ناليواري موبائيل فون برانڊز کي پاڪستان ۾ فونز جي تياري ۽ اسمبلنگ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهن. هن واپاري برادري تي پڻ زور ڏنو ته اها حڪومت پاران جوڙيل پاليسين مان ڀرپور فائدو کڻي ۽ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، ٽيڪس ريفنڊز، انفراسٽرڪچر ۽ سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن جهڙين مراعتن مان فائدو کڻي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي مثالي پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو عڪاس قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ تحت وڏي سيڙپڪاري پاڪستاني معيشت جي مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن جي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن کي ??ڌي?? سگهه ڏيندي. هن چيو ته سي پيڪ اڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي پراڻي دوست چين سان تعاون جي سطح کي اڳتي وڌائي چڪو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان کي عالمي معيار جي روڊ نيٽ ورڪ تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي جنهن سان نه رڳو ??ندروني رابطن ۾ بهتري ايندي پر خ??ي جي ٻين ملڪن سان ويجها رابطا وڌائڻ ۾ پڻ مدد ملندي. ??در توانائي جي شعبي جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ تحت ملڪ جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي نظام کي بهتر بڻائڻ، گردشي قرضن جي دائمي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ گهٽ قيمت تي توانائي جي مستقل فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن گوادر ۾ چين پاران شروع ڪيل گهڻ رخي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان گوادر کي علائقائي واپار ۽ سيڙپڪاري جو مرڪز بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گوادر بندرگاهه افغانستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي لاءِ هڪ مثالي سامونڊي رستو هوندو. هن افغانستان ۾ امن جي ض??ور?? تي پڻ زور ڏنو جيڪو خطي ۽ پاڙيسري ملڪن جي لاءِ واپاري ۽ اقتصادي موقعن جي راهه هموار ڪندو. ??در ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت نوجوانن جي مهارت خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي جي لاءِ هڪ ٺوس پروگرام متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد مقامي صنعت ۽ افرادي قوت جي برآمدي منڊي کي هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون ??ڌي?? وڌندو. ??در گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان آبزرور جي انتظاميا کي ساراهيو ۽ اهو قدم پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو.