نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻارن جي ??وراڪ تيار ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ٻارن جي ??وراڪ عطيو ڪن، ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، عالمي اڳواڻن کي ٻوڏ جي ??باهين ۽ پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪري رهيو آهيان. وزيراعظم جيڪو هنو قت گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي، هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين بابت پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن گذريل رات آن لائين اجلاس ۾ ٻوڏ جي ??ورتحال جو جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سان سڄي پاڪستان ۾ تباهي ٿي آهي، صوبائي حڪومت، انتظاميا، سرڪاري افيسرن ۽ پاڪ ٻوڏ کانپوءِ جيڪي ڪوششون ۽ ڪارروايون ڪيون آهن، عوام جي نظر ۾ انهن جي ??زت آهي ۽ الله تعاليٰ ان محنت جو صلو عطا فرمائيندو. وزيراعظم چيو ته کيس اجلاس ۾ خبر پئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارن جي ??وراڪ جي کوٽ جو مسئلو درپيش آهي. وزيراعظم پاڪستان جي ??رنديءَ وارن ادارن خاص طور تي ٻارن جي ??وراڪ تيار ڪندڙ مقامي ??مپنين (فوڊ مينوفيڪچررز) کي اپيل ڪئي ته اهي متاثر علائقن ۾ ٻارن جي ??وراڪ عطيو ڪن ۽ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ پاڪ فوج جي ??ريعي لکين ٻارن تائين اها خوراڪ پهچائين. وزيراعظم دين ۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته متاثرين خاص طور تي ٻارڙا ۽ انهن جا والدين عطيو ڏيندڙن جي لاءِ دعائون ڪندا ۽ اهو الله تعاليٰ جي ??ضا حاصل ڪرڻ جو ذريعو هوندو. وزيراعظم چيو ته هن وقت پاڪستان پنهنجي ????ري?? جي مشڪل ترين وقت مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ جون تباهيون پوري دنيا آڏو ??هن. وزيراعظم چيو ته هن دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مالي ۽ معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي الله تعاليٰ آڏو ??عا ڪرڻ گهرجي ??ه اسان جي محنت ۾ برڪت وجهي، اسان جي مسئلن جو خاتمو ڪري، پاڪستان کي هڪ عظيم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائي ۽ اسان جون مصيبتون ختم فرمائي.